راحب فقير جو دڙو

راحب فقير جو دڙو: ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف جي درگاهه کان هزار کن فوٽ اوڀر ۾ هڪ دڙو هوندو هو، جنهن کي راحب فقير جو دڙو چيو ويندو هو. راحب ابڙو ڪوري هو، جيڪو شاهه صاحب جو فقير ٿيو، هي اهو فقير هو، جنهن شاهه صاحب جي شاديءَ وقت انهيءَ اٺ جي واڳ جھلي هئي، جنهن جي ڪجاوي ۾ شاهه صاحب جي ڪنوار ويٺل هئي. شاهه صاحب جڏهن ڀٽ وسائي ته هي به ساڻس گڏ آيو هو ۽ جنهن جاءِ تي اچي رهيو، ان کي راحب فقير جو دڙو چيو ويو. بعد ۾ ان دڙي تي شاهه صاحب جي ڀيڻ جو ڪٽنب رهيو، جن جا ڪي پويان اڃا تائين اتي رهن ٿا ۽ سندن ويهارو کن گھر اُتي موجود آهن


لفظ راحب فقير جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو